خدا ڏي خط

خدا ڏي خط

خدا ڏي خط

خدا ڏي خط (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور سياح الطاف شيخ طرفان ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون آهن. موضوع جي لحاظ کان ڪهاڻين کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) سماجي ڪهاڻيون، (2) نظرياتي ڪهاڻيون، ۽ (3) قومي ڪهاڻيون. جيتوڻيڪ هي ڪهاڻيون ٻين ٻولين جون آهن، پر ترجمي پڙهڻ سان اصلي لڳن ٿيون. 143 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ڏهه روپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي اڪيڊمي ڪراچيءَ، آگسٽ 1982ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو